سعودي عرب جي حڪومت دنيا جي سڀني ملڪن کي مات ڏئي ڇڏي

رياض (ويب ڊيسڪ) ڪنهن به ملڪ جي حڪمرانن جي ڪاميابي ۽ ناڪامي جو دارومدار ملڪ جي عوام جي خوشحالي ۽ حڪومت تي اعتماد تي هوندو آهي جنهن ۾ سعودي عرب سڀني ملڪن تي سرسي ماڻي ورتي آهي.

پرڏيهي خابرو ادري جي رپورٽ موجب سعودي عرب جي حڪومت ان حوالي سان خوش قسمت ملڪ آهي ڇو جو ان جي حڪومت کي عوام جو ڀرپور اعتماد حاصل آهي، ان اعتبار سان ملڪ جي حڪومت سڄي دنيا ۾ پهرين نمبر تي آهي.

سعودي عرب ”ٽرسٽ رپورٽ 2024ع“ انڊيڪس ۾ لسٽ ۾ سڀ کان مٿي آهي جنهن 86 سيڪڙو عوام جو اعتماد حاصل ڪيو آهي. گذريل هڪ سال دوران سعودي عرب جي حڪومت جي عوامي اعتماد ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي. گذريل سال سعودي حڪومت کي 85 سيڪڙو عوام جي حمايت حاصل هئي.

عوامي اعتماد جي لحاظ سان سعودي عرب کان پوءِ چين ٻئين نمبر تي آهي، چين جي 85 سيڪڙو آبادي حڪومت تي اعتماد ڪري ٿي.

ان لسٽ ۾ 84 سيڪڙو عوامي حمايت سان يو اَي اِي ٽين ۽ سنگاپور 77 سيڪڙو سان چوٿين نمبر تي آهي.

ميڊيا ۽ ڪاروباري شعبو

ايڊلمين ڪنسلٽنگ اينڊ پبلڪ رليشنز پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته سعودي عرب ڪاروباري شعبي جي اعتماد جي انڊيڪس ۾ عالمي سطح تي چوٿين نمبر تي پهچي ويو آهي ۽ رپورٽ ۾ شامل 28 ملڪن مان ميڊيا اعتماد جي انڊيڪس ۾ ستين نمبر تي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.