ڪنوار ٻار کي حرڪت ڪرڻ تي چماٽ وهائي ڪڍي: وڊيو وائرل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شادي جي تقريبن دوران اڪثر کل جهڙا واقعا ٿي پوندا آهن جنهن جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وينديون آهن ۽ واهپيدارن طرفان انهن تي دلچسپ تبصرا ڪيا ويندا آهن.

اهڙي ئي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن کي ڏسي واهپيدار ٽهڪ ڏيڻ تي مجبور ٿي ويا.

وائرل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڪنوار صوفي تي ويٺي آهي ۽ ويجهو ئي ويٺل ٻار بي ڌياني ۾ ڪنوار جي لباس تي ويهي رهي ٿو.

ڪنوار وري وري کيس اٿارڻ جي ڪوشش ڪري ٿي پر ٻار کي اٿاري ناهي سگهندي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Izhar Ahmad (@izhar_ahmad_56)

اوچتو ڪنوار کي ڪاوڙ اچي ويندي آهي ۽ ٻار کي چماٽ وهائي ڪڍندي آهي جنهن جي نتيجي ۾ ٻار هيٺ وڃي ڪرندو آهي ۽ روئڻ شروع ڪري ڏيندو آهي.

سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيو کي لکين ماڻهن ڏٺو ۽ رد عمل ڏنو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.