اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ جي جسٽس منصور علي شاهه ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته اليڪشن وڙهڻ بنيادي حق آهي، ڪنهن شخص کي چونڊن جي بنيادي حق کان محروم ڪري سزا ڏني پئي وڃي.
سپريم ڪورٽ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ خلاف ڌار ڌار درخواستن تي ٻڌڻيون ٿيون.
جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ جسٽس جمال مندوخيل ۽ جسٽس اطهر من الله تي ٻڌل 3 رڪني بئنچ پي ٽِي آءِ اڳواڻ عمر اسلم جا نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف اپيل تي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر اسلم کي سپريم ڪورٽ چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، عمر اسلم جا نامزدگي ڪاغذ نوَ مئي واري ڪيس ۾ روپوش هئڻ جي بنياد تي رد ڪيا ويا هئا.
جنهن جسٽس منصور علي شاهه ريمارڪس ڏيندي چيو ته چونڊن ۾ حصو وٺڻ بنيادي حق آهي، روپوش شخص چونڊ نه ٿو وڙهي سگهي ٻڌايو ڪٿي لکيل آهي؟ ڪنهن شخص کي چونڊن جي بنيادي حق کان ڪئين محروم ڪري سگهجي ٿو.
جسٽس اطهر من الله چيو ته اسان جي سامهون آيل درخواست جي اهميت ناهي، عوام جا حق متاثر ٿي رهيا آهن، احتساب عوام کي ڪرڻو آهي اليڪشن ڪميشن کي نه.
ڪيس جي مخالف ڌر دليلن ۾ چيو ته عمر اسلم اسڪروٽني وقت به موجود نه هو جڏهن ته اليڪشن ڪميشن جي وڪيل ٻڌايو ته بيلٽ پيپر جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، جنهن تي جسٽس اطهر من الله چيو ته عدالتي فيصلي تي عمل ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي.
واضح رهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر اسلم قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 87 تان چونڊن ۾ حصو وٺي رهيو آهي.
پي ٽي آءِ اڳواڻ طاهر صادق کي اليڪشن وڙهڻ جي اجازت
چونڊ وڙهڻ بابت هڪ ٻئي ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بئنچ ڪئي، جنهن ۾ عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ طاهر صادق کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، طاهر صادق قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 49 اٽڪ تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن ۽ هن لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو.
لاهور هاءِ ڪورٽ طرفان طاهر صادق جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا هئا.
پي ٽي آءِ اڳواڻ محمد عارف عباسي جي اپيل خارج
سپريم ڪورٽ صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي پي 19 تان پي ٽي آءِ اڳواڻ محمد عارف عباسي جي نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ واري معاملي ۾ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو برقرار رکندي اپيل خارج ڪري ڇڏي.
ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ ڪئي، جنهن ۾ عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته درخواست گذار 2 فوجداري ڪيس هئڻ باوجود ضمانت لاءِ ڪنهن عدالت سان رابطو ناهي ڪيو، درخواست گذار ٻنهي ڪيسن جو نامزدگي ڪاغذن ۾ ذڪر ناهي ڪيو ، ريٽرننگ آفيسر پٽ جي لنڊن ۾ موجود ملڪيت بابت سوال ڪيو ته جنهن جو جواب نه ڏنو ويو.
درخواست گذار جي وڪيل عدالت ۾ ٻڌايو ته ريٽرننگ آفيسر نامزدگي تي اعتراض واري ڪاغذ رد ڪيا، جڏهن ته درخواستگذار خلاف وارث خان ٿاڻي ۾ ٻه ايف آءِ آرز داخل هيون.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏيندي چيو ته دستاويز ته پڙهي ايندا ڪيو، ڪيس هلائڻو آهي ته فيڪٽ ٻڌايو، جسٽس منصور علي مظهر چيو ته جنهن شخص خلاف ٻه فوجداري ڪيس هجن، اِهو سرعام شهر ۾ گهمي رهيو آهي، ضمانت لاءِ ٽرائل ڪورٽ وڃڻ ۾ اوهان کي ڪهڙو مسئلو هو؟ ، اوهان نامزدگي ڪاغذن فوجداري ڪيسن جو ذڪر ئي ناهي ڪيو.
چيف جسٽس چيو ته ڪالهه اسان وٽ هڪ ڪيس هو انهن ضمانت ورتي هئي، اوهان درخواست ڏيندا آهيو ته اسان فوري ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪندا آهيون، پر تياري ته ڪري ايندا ڪيو، جنهن تي وڪيل ٻڌايو ته حلفي بيان ۾ ٻئي ڪيس ڄاڻايا ويا هئا، چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته اوهان سچ ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي ته پوءِ اسان ڇا ٿا ڪري سگهون.
اليڪشن وڙهڻ بنيادي حق آهي،روپوش شخص چونڊ نه ٿو وڙهي سگهي ڪٿي لکيل آهي؟ : سپريم ڪورٽ
You might also like