ڪئناڊا ۾ مسافر جهاز تباهه، ڪيترائي ماڻهو فوت

اوٽاوا (ويب ڊيسڪ) ڪئناڊا جي اتراندي علائقي ۾ کاڻ کوٽيندڙ مزدورن کي کڻي ويندڙ ننڍو مسافر جهاز تباهه ٿي ويو جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت ٿي ويا.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڪئناڊا جي جوائنٽ ريسڪيو ڪوآرڊينيشن سينٽر ٻڌايو آهي ته هڪ انجڻ وارو ننڍو جهاز جو رابطو فورٿ سمٿ مان اڏام ڀرڻ جي فورن بعد ڪنٽرول روم سان ڪٽجي ويو، جنهن کان پوءِ ريسڪيو آپريشن لاءِ امدادي ٽيمون موڪليون ويون جنهن کان پوءِ جهاز جو ملبو مليو.
ريسڪيو ٽيم جهاز جي ملبي مان 6 لاش ڪڍيا جڏهن ته شخص کي زندهه بچي ويو جنهن حادثي کان اڳ جهاز مان ٽپو ڏنو هو جنهن سبب هو سخت زخمي ٿي پيو.
حادثي جو شڪار جهاز چارٽر جهاز هو جيڪو مزدورن کي ڪوئلي جي کاڻ ڏانهن وڃي رهيو هو ته حادثي جو شڪار ٿي ويو.
هيل تائين حادثي جا سبب خبر ناهن پئجي سگھيا. واقعي جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.