نگران حڪومت جو بجلي جي اگهه جي حوالي سان هڪ وڏو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران وفاقي حڪومت بجلي جو اگهه گهٽ ڪرڻ لاءِ هڪ ٻيو وڏو فيصلو ڪري ورتو، ونڊ پاور پلانٽس کان ٽيرف گهٽ ڪرائڻ لاءِ 5 رڪني ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي.
نگران وفاقي حڪومت بجلي جو اگهه گهٽائڻ جو فيصلو ڪري ورتو، 14 ونڊ پاور پلانٽن کي 20 ارب رپين جون ادائيگيون روڪيون ويون، جاچ ۾ ونڊ پاور پلانٽن جي واڌو لاڳت پڪڙي وئي هئي پر اڃا تائين عملدرآمد ناهي ٿيو.
ونڊ پاور پلانٽن کان ٽيرف گهٽ ڪرائڻ لاءِ 5 رڪني ڪميٽي قائم ڪئي وئي، ڪميٽي کي شگر ملز جي پاور پلانٽن جو ٽيرف گهٽائڻ جو ٽاسڪ به ڏنو ويو آهي.
ايم ڊي پي پي آءِ بي جي سربراهي ۾ 5 رڪني ڪميٽي جي سمري موڪلي وئي، جنهن ۾ چيو ويو ته پاور پلانٽ اڳ ۾ ٽيرف گهٽ ڪندي نئون معاهدو ڪن، پوءِ ادائيگيون ٿينديون.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪميٽي نيلم جهلم پن بجلي منصوبن سبب مظفر آباد کي پيش پاڻي جي کوٽ تي به غور ڪندي.
توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جو اهم اجلاس 26 جنوري تي طلب ڪيو ويو، اجلاس ۾ بجلي جي مسابقتي گڏيل ٽريڊنگ معاهدن ۽ گردشي قرض تي رپورٽ به پيش ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.