فيس بڪ تي نئين ٺڳي کان هوشيار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) فيس بڪ استعمال ڪندڙن کي هڪ نئين اسڪم بابت خبردار ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ماڻهن کي ڪنهن جي اوچتي موت جي خبر جي جعلي لنڪس تي ڪلڪ ڪرڻ لاءِ ڀڙڪايو وڃي ٿو.

ماهرن هڪ جعلسازي مهم جو انڪشاف ڪيو آهي جيڪو ميٽا پليٽ فارم تي پکڙجي رهيو آهي، هيڪرز ماڻهن کي ڪلڪ ڪرڻ لاءِ ڀڙڪائين ٿا.

ويب سائيٽ بليپنگ ڪمپيوٽر موجب هي لنڪ واهپيدارن کي هڪ ويب سائيٽ تي کڻي ويندي آهي جتي انهن جي سموري ڄاڻ چوري ٿي ويندي آهي.

ماهرن موجب اها خاص مهم هڪ سال اڳ شروع ٿي هئي. ان وقت کان وٺي انهن دوکيبازن هيڪ ٿيل اڪائونٽس گڏ ڪري ڇڏيا آهن ته جيئن ٻين واهپيدارن کي سولائي سان ٺڳي سگهجي.

جڏهن ڪا پوسٽ يا لنڪ ڪنهن دوست يا مائٽ جي اڪائونٽ تان ايندي ته سڀني کي پڪ ٿي ويندي آهي ۽ اهي سولائي سان شڪار ٿي ويندا آهن.

فيس بڪ انهن پوسٽن ڊليٽ ڪري رهيو هو ۽ هاڻي لنڪس ري ڊائريڪٽ ٿيڻ کي روڪي ورتو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.