بنا نمبر پليٽ جي موٽر سائيڪل هلائيندڙ هوشيار! وٺ پڪڙ شروع

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ بنا نمبر پليٽ جي موٽر سائيڪلن جي پڪڙ جي مهم شروع ٿي وئي.
10 ڏينهن جي تنبيهي مهم کانپوءِ ڪراچي ۾ ٽريفڪ پوليس نمبر پليٽ نه لڳائيندڙ موٽر سائيڪل سوارن خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي.
مهم دوران موٽر سائيڪلن جي اڳيان ۽ پويان نمبر پليٽون نه لڳائيندڙ سوارن تي ڏنڊ هنيا پيا وڃن ۽ ڏنڊ سان گڏ نمبر پليٽون آڻڻ تائين موٽر سائيڪلون ضبط به ڪيون پيون وڃن.
رپورٽ موجب قانون جي پڪڙ ۾ ايندڙ ڪيترائي موٽر سائيڪل سوار شهري ٽريفڪ پوليس جي مهم کان بي خبر نڪتا ۽ ٽريفڪ پوليس اهلڪارن سان وچڙندا رهيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.