ڊرامو ڇو ڏٺو؟ ٻن ڇوڪرن کي 12 سال قيد جي سزا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اتر ڪوريا ”ڪي ڊرامو“ ڏسڻ تي ٻن نوجوانن کي 12 سالن جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.

اتر ڪوريا ۾ ٽي وي سميت تفريح تي پابندي آهي، ان جي باوجود ڪجهه ماڻهو ڊرامن تائين رسائي حاصل ڪرڻ لاءِ سخت سزا جي خطري کي دعوت ڏيڻ لاءِ تيار هوندا آهن. انهن ڊرامن جا سڄي دنيا ۾ وڏي انگ ۾ شوقين موجود آهن.

اهڙي ريت اتر ڪوريا روزانو تصويرون، وڊيوز ۽ ٻيون شيون ٻاهرين دنيا ۾ ليڪ ٿيڻ کان به روڪيندو آهي.

برطانوي خابرو اداري موجب اتر ڪوريا ۾ نظرياتي تعليم ۽ شهرين کي وارننگ ڏني ويندي آهي ته هو ڪڌي رڪارڊنگ نه ڏسن.

ان کان اڳ قانون ٽوڙيندڙن کي جيل ۾ ٿورڙي سزا ڏني ويندي هئي پر 2020 ۾ پيانگ يانگ ڏکڻ ڪوريا جو تفريحي مواد ڏسڻ يا ورهائڻ تي موت جي سزا جو به قانون ٺاهيو هو.

اهڙي وڊيو هڪ شخص برطانوي خابرو اداري کي ڏني آهي جنهن ۾ ٻن ڄڻن کي هٿ ڪڙيون هڻڻ جون شاهديون ملن ٿيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.