ڪينسر جون ڳوڙهيون ختم ڪندڙ نينو روبوٽس تيار

بارسيلونا (ويب ڊيسڪ) هسپانوي سائنسدانن هڪ اهڙو نينو روبوٽ تيار ڪيو آهي جيڪو رت ۾ شامل ٿي مثاني ۾ موجود ڪينسر جي ڳوڙهين کي 90 سيڪڙو تائين ختم ڪري سگھي ٿو.
انسٽيٽيوٽ فار بائيو انجينيئرنگ آف ڪيٽيلونيا، سي آءِ سي بائيوما گون جي سائنسدانن، انسٽيٽيوٽ فار ريسرچ اِن بائيو ميڊيسن (آءِ آر بي بارسيلونا) ۽ آٽونومس يونيورسٽي آف بارسيلونا (يو اي بي) جي ڀائيواري سان تيار ڪيل اِهو روبوٽ 450 نينو ميٽرز جو آهي ۽ ان کي ڏسڻ لاءِ ان جي عڪس کي ٻه ڪروڙ ڀيرا وڏو ڪرڻو پوي ٿو.
مثاني جي ڪينسر مردن کي متاثر ڪندڙ ڪينسر جو سڀ کان عام قسم آهي. جيتوڻيڪ ان سان ٿيندڙ فوتگين جي شرح گھٽ آهي پر پنجن سالن جي اندر سموريون ڳوڙهيون واپس اڀري اچن ٿيون.
ڪوئن تي ڪيل هڪ تحقيق ۾ محققن ڏٺو ته انهن ننڍن ننڍن روبوٽن جو هڪ ڀيرو استعمال ڳوڙهين لاءِ ٿيندڙ علاج جي ضرورت کي ختم ڪري سگھي ٿو.
مثاني جي ڪينسر جي موجود علاج ۾ سرجري ۽ ڪيموٿيراپي شامل آهن جن تي 65 هزار ڊالرز کان وڌيڪ خرچ اچي سگھي ٿو. جنهن جو سبب ڳوڙهين جي پکڙجڻ کي گھٽائڻ لاءِ مريض جو ڪيترائي ڀيرا اسپتال ۾ معائنو ڪرائڻ آهي. پر، نئين تحقيق ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته نينو روبوٽ اها ڪاميابي هڪ ئي ڀيري ۾ ماڻي سگھن ٿا.
تحقيقي ٽيم مثاني جي ڪينسر مان متاثر ڪوئن جي رت ۾ اهي نينو روبوٽس ڇڏيا ۽ انهن کي ڪوئن جي جسم ۾ پکڙجندي ڏٺو. روبوٽن ۾ موجود يوريز انزائمز پيشاب ۾ موجود يوريا سان ردعمل ڪري روبوٽن کي حرڪت ڏني ۽ تابڪار آئيوڊين ڪينسر جي ڳوڙهي کي ختم ڪيو.
ٽيم ڏٺو ته اهي نينو بوٽ ٽيومر جي ويجهو واري هنڌ جو پي ايڇ توازن وڌڻ ڏنو جنهن سان ان جو اضافي سليز جو سانچو ٽٽي ويو ڳوڙهين جي اسپنج ٿيڻ سبب اهي روبوٽ انهن ۾ جذب ٿي ويا ۽ تابڪار آئيوڊين ڳوڙهين جو علاج ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.