پلان سي موجود آهي، 8 فيبروري تي سڀني کي خبر پئجي ويندي: عمران خان

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو آهي ته نه بيٽ رهي ۽ نه بيٽر، اسان وٽ پلان سي موجود آهي، 8 فيبروري تي سڀني کي خبر پئجي ويندي.
اڊيالا جيل جي عدالتي ڪمري ۾ صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي عمران خان چيو ته عدليا تي منهنجو اعتماد هاڻ ختم ٿي چڪو آهي، اسان جي سڄي پارٽي کي ختم ڪيو ويو، اسان ادارن خلاف مهم نه هلائي ۽ عوام سامهون پنهنجو موقف رکيو، اليڪشن ڪميشن ميمبرن کي ڌمڪي نه ڏني.
هن چيو ته 9 مئي واقعن جون سي سي ٽي وي وڊيوز ئي چوري ڪيون ويون، منهنجي قتل جي ڪوشش جي واقعي جي سي سي ٽي وي وڊيو ڪٿي آهي؟ چونڊون تڪراري ٿي چڪيون آهن، دنيا انهن کي ڪيئن تسليم ڪندي.
سندس چوڻ هو ته نيب، پوليس، ايف آءِ اي، اينٽي ڪرپشن سڀني کي لنڊن پلان ۾ شامل ڪيو ويو، اسان جو پلان سي تيار آهي، جلد توهان جي سامهون ايندو، 8 فيبروري تي انهن کي جهٽڪو لڳندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.