سيمينٽ جي اگهن ۾ لاٿ رڪارڊ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گذريل هفتي دوران ملڪ ۾ سيمينٽ جي اگهن ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي.

پاڪستان بيورو آف اسٽيٽڪس جي انگن اکرن موجب ملڪ جي اترين علائقن ۾ 11 جنوري تي ختم ٿيندڙ هفتي دوران سيمنٽ جي في ٻوري جي سراسري قيمت 1238 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي جيڪا گذريل هفتي جي ڀيٽ ۾ 0.57 سيڪڙو گهٽ آهي.

سيمنٽ في ٻوري جو اگهه 1246 رپيا رڪارڊ ڪيو ويو هو.

اهڙي طرح ملڪ جي ڏاکڻين علائقن ۾ گذريل هفتي سيمنٽ جي في ٻوري جو اگهه 1191 رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل هفتي جي ڀيٽ ۾ 0.07 سيڪڙو گهٽ آهي.

گذريل هفتي دوران اسلام آباد ۾ 1216، راولپنڊي 1216، گوجرانوالا 1260، سيالڪوٽ 1280، لاهور 1300، فيصل آباد 1260 ۽ سرگوڌا ۾ سيمنٽ جو في ٻوري اگهه 1227 رپيا رهيو.

ملتان 1234، بهاولپور 1250، پشاور 1200، بنون 1180، ڪراچي 1171، حيدرآباد 1180، سکر 1250، لاڙڪاڻو 1173، ڪوئيٽا 1200 ۽ خضدار 1170 رپيا في ٻوري جو اگهه رهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.