ڪنهن جو پيءُ به مون کي وڏو وزير بڻجڻ کان نٿو روڪي سگهي: پرويز خٽڪ

چارسدا (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ پارليامينٽيريز جي سربراهه پرويز خٽڪ چيو آهي ته مون کي ڪير به خيبر پختونخواهه جو وڏو وزير بڻجڻ کان نٿو روڪي سگهي.
چارسدا ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي پرويز خٽڪ نواز شريف، آصف زرداري، عمران خان ۽ مولانا فضل الرحمان تي تنقيد ڪئي.
هن چيو ته انهن چورن سبب اسان ٻڏي وياسين، اهي چور ۽ غريبن جا دشمن آهن پر مان تحريڪ انصاف جهڙا چور ڪڏهن نه ڏٺا، اهي سڀ هڪٻئي کان چڙهيل آهن، مون کي سڀ خبر آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪنهن جو پيءُ به مون کي وڏو وزير بڻجڻ کان نٿو روڪي سگهي، مان 70 سيٽن تي اميدوار بيهاريا آهن ۽ ٻڌائي ٿو ڇڏيان ته وڏو وزير بجندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.