سپريم ڪورٽ وفاقي حڪومت کان ڪنهن کي به گم نه ڪرڻ جي خاطري گهري ورتي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان گم ٿيل ماڻهن ۽ جبري گمشدگين بابت ڪيس جو لکت حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وفاقي حڪومت کان ڪنهن کي به گم نه ڪرڻ جي خاطري گهري ورتي.
5 صفحن تي ٻڌل لکت حڪم نامو چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ لکيو.
عدالت عظميٰ وفاقي حڪومت کان ڪنهن کي به گم نه ڪرڻ جي لکت خاطري گهري ورتي، جڏهن ته عدالت لکت خاطري جمع ڪرائڻ جي به هدايت ڪري ڇڏي.
سپريم ڪورٽ بلوچن جي پرامن احتجاج تي پوليس جي بُري ورتاءَ کان به روڪي ڇڏيو.
لکت حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته پرامن احتجاج هر شهري جو حق آهي، حڪومت لاڳاپيل وزارتن جي سينيئر آفيسرن جي لکت خاطري ڏئي ته ڪنهن کي قانون کان مٿانهين طور نه کنيو ويندو، عدالت جي نوٽيس ۾ آندو ويو ته عدالتي موڪلن ۾ احتجاج ڪندڙ بلوچن تي پوليس تشدد ڪيو، عدالت پرامن ماڻهن تي ڪنهن به قسم جي تشدد جي اجازت نه ڏيندي.
سپريم ڪورٽ جي حڪم نامي موجب عدالت فيض آباد ڌرڻي بابت فيصلي ۾ به پرامن احتجاج جو حق واضح ڪري چڪي آهي، گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن 10 ڏينهن ۾ تفصيل اٽارني جنرل کي جمع ڪرائي ۽ اٽارني جنرل ڪميشن جي رپورٽ کانپوءِ حتمي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي.
عدالتي حڪم نامي ۾ اهو به چيو ويو ته ڪيس جي ٻڌڻي طلب ڪيل دستاويز جمع ڪرائڻ کانپوءِ ٿيندي، اعتزاز احسن جي درخواست تي رجسٽرار آفيس جا لاڳو اعتراض ختم ڪيا وڃن ٿا، اعتزاز احسن جي درخواست ۾ عدالت رڳو گم ٿيل ماڻهن تائين محدود رهندي، جڏهن ته ان معاملي ۾ سياسي وابستگي رکڻ ۽ واپس اچي ويندڙن جي معاملي کي عدالت نه ڏسندي.
لکت حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته جسٽس (ر) جاويد اقبال جي سربراهي ۾ 4 رڪني ڪميشن 2011 کان قائم ڪئي وئي، جنهن تي آمنا مسعود جنجوعه ۽ ٻين ڌرين عدم اعتماد جو اظهار ڪيو، وڪيل فيصل صديقي ٻڌايو ته ڪميشن جا ڪيترائي پروڊڪشن آرڊر نظرانداز ڪيا ويا آهن، فيصل صديقي کي عدالت گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس ۾ مددگار مقرر ڪري ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.