ڪراچي: تيزاب جي حملي ۾ عورت مارجي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ تيزاب گردي جو واقعو پيش آيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 55 ورهين جي عورت مارجي وئي.
پوليس موجب عورت جي ڌيءَ جي 6 مهينا اڳ طلاق ٿي هئي، تيزاب گردي جو شڪار عورت کي اڳوڻو ناٺي 6 مهينن کان ڌمڪيون ڏئي رهيو هو.
پوليس ٻڌايو ته ٻه ٻٽ ٻڌل ماڻهو گهر ۾ داخل ٿيا ۽ عورت تي تيزاب هاريو، جڏهن ته عورت جي ڌيءَ واش روم ۾ لڪي جان بچائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.