حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ۾ احتجاج دوران عورت ايس ايڇ او کي چماٽ وهائي ڪڍي.
صدر جي رهواسي عبدالله مغل نالي شخص گهر تي قبضي خلاف زال ۽ ٻارن سان گڏ پريس ڪلب تي احتجاج ڪيو.
احتجاج دوران شهري ۽ سندس زال روڊ بلاڪ ڪري نعريبازي ڪري رهيا هئا ته ايس ايڇ او ڪينٽ رزاق ڪمانڊو ڳالهين لاءِ پهتو، عورت کيس چماٽ وهائي ڪڍي.
تنهن بعد عورت ۽ سندس مڙس کي حراست ۾ وٺي ٿاڻي منتقل ڪيو ويو.