جولي جي ڌيءَ زهرا پيءُ جو نالو هٽائي ڇڏيو

ڪيليفورنيا: (ويب ڊيسڪ) هالي ووڊ اداڪارا انجلينا جولي جي ڌيءَ زهرا پنهنجي پيءُ جو نالو استعمال ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي.

انجلينا جولي ۽ بريڊ پٽ زهرا کي 2005 ۾ ايٿوپيا جي يتيم خاني مان هنج ورتو هو.

انجلينا جولي جي ڌيءَ زهرا مبينا طور تي پنهنجو آخري نالو جولي پٽ استعمال ڪرڻ بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪاليج ۾ زهرا مارلي جولي جي نالي سان مشهور آهي.

زهرا اٽلانٽا جي اسپيلمين ڪاليج ۾ داخلا ورتي، پر جولي پٽ جي بدران زهرا مارلي جولي طور رجسٽرڊ ٿي.

ان جي نتيجي ۾ اها اڳڪٿي ڪئي وئي آهي ته هن پنهنجي پيء براد پٽ جو نالو استعمال ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي يا هن سان سندس سخت لاڳاپا آهن.

زهرا هن ڪاليج لاءِ هڪ وڊيو به ٺاهي آهي جنهن ۾ هن اهو پيغام ڏنو آهي ته منهنجو نالو زهرا مارلي جولي آهي.

زهرا ڇهن مهينن جي هئي جڏهن اينجلينا ۽ بريڊ پٽ کيس 2005 ۾ ايٿوپيا جي گادي واري شهر اديس ابابا جي هڪ يتيم خاني مان هنج ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.