ماهرا خان جي بولڊ لباس ۾ فيسٽيول ۾ شرڪت، وڊيو وائرل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور پاڪستاني اداڪارا ماهرا خان جي گذريل مهيني ڊسمبر ۾ سعودي عرب ۾ ٿيل عالمي ريڊ سي فلم فيسٽيول ۾ شرڪت جي وڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ هن تي تنقيد ڪئي پئي وڃي.

ماهران خان کانسواءِ ڄاڻايل فلم فيسٽيول ۾ همايون سعيد ۽ ٻين اداڪارن به شرڪت ڪئي هئي جڏهن ته ريڊ سي فلم فيسٽيول ۾ پاڪستاني فلمن جي نمائس به ڪئي وئي هئي.

فلم فيسٽيول ۾ ماهرا خان پاران ويل چيئر تي شرڪت ڪرڻ جي وڊيو به وائرل ٿي هئي، جنهن تي سندس مداحن پاران ڳنتي ظاهر ڪئي وئي هئي.

پر هاڻي ڄاڻايل فيسٽيول جي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ ماهرا خان کي بولڊ لباس ۾ ڏسي سگھجي ٿو.

وائرل ٿيل وڊيو ۾ ماهران خان کي ڪاري رنگ جي بولڊ لباس ۾ ڏسي سگهجي ٿو، جنهن ۾ هوءَ صحافيءَ سان ڳالهائي رهي آهي.

وڊيو ۾ ادڪارا جي جسم جو مٿيون حصو ڪپڙن کان آجو نظر اچي رهيو آهي.

ڄاڻايل وڊيو وائرل ٿيڻ بعد اداڪارا تي سوشل ميڊيا واهپيدارن پاران ڇتي تنقيد ڪئي وئي ۽ سندس لباس کي اولهه جو فيشن قرار ڏنو ويو.

ٻي پاسي هڪ وڊيو اداڪار فيروز خان جي ڀيڻ اداڪاراهمائمه ملڪ جي به وئرل ٿي آهي جنهن ۾ کيس بولڊ لباس ۾ ڏسي سگھجي ٿو، جنهن تي سوشل ميڊيا واهپيدارن پاران تنقيد ڪئي وئي.

اداڪارا همائمه ملڪ

اداڪارا جو سوشل ميڊيا واهپيدارن جي تنقيد تي ردعمل ڏيندي چوڻ هو ته ٻيون اداڪارائون به بولڊ لباس پهرين ٿيون آئون پهريو ته ڇا ٿي پيو، هر ڪنهن جي مرضي آهي اُهو جنهن به قسم جو لباس پهري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.