ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪمپيوٽر جي ڪي بورڊ ۾ هاڻي نئين بٽڻ جو واڌارو ڏسڻ ۾ ايندو.
ڪيترن ئي ڏهاڪن کانپوءِ پهريون ڀيرو مائيڪرو سافٽ طرفان ڪمپيوٽر جي ڪي بورڊ ۾ تبديلي ڪئي پئي وڃي.
مائيڪرو سافٽ آرٽي فيشل انٽيليجنس (اي آءِ) ٽيڪنالاجي کي بهتر بڻائڻ لاءِ جاکوڙي رهي آهي ۽ هي ڪمپني 2024 ۾ ڪمپيوٽرز کي اي آءِ سان ڀريل ڏسڻ چاهي ٿي.
ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ جيڪڏهن نوان ونڊوز ڪمپيوٽر يا ليپ ٽاپس خريد ڪندا ته ڪي بورڊ تي هڪ نئون بٽڻ موجود هوندو جنهن کي ڪو پائليٽ ڪي جو نالو ڏنو ويو آهي.
هن بٽڻ کي دٻائڻ سان اوهان پائليٽ پروگرام ۾ شامل ٿي ويندا.
ڪمپني طرفان بيان ۾ چيو ويو آهي ته 30 سال اڳ هنن ونڊويز بٽڻ متعارف ڪرايو هو هاڻي پائليٽ بٽڻ ذريعي واهپيدار اي آءِ جي دنيا ۾ داخل ٿي سگهندا.
خيال رهي ته ڪو پائليٽ مائيڪروسافٽ جو چيٽ باٽ آهي جيئن چيٽ جي پي ٽي هوندو آهي.