عامر خان ڌيءَ جي خواهش پوري ڪري ڇڏي، شادي خاص قانون تحت ٿي، فنڪارن جا ميلا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سپر اسٽار اداڪار عامر خان پنهنجي ڌيءُ جي شادي سندس بواءِ فرينڊ نوپور شيکري سان ڪرائي ڇڏي آهي ۽ شادي جون وڊيوز به گردش ۾ آهن.

ايرا خان عامر خدان جي وڏي ۽ اڪيلي اولاد آهي جيڪا سندس پهرئين زال رينا دتا مان آهي. ايرا خان جو مڙس نوپور شيکري سندس پيءُ عامر خان جو فٽنيس ٽرينر هو ته ٻنهي وچ ۾ ويجهڙائي ٿي هئي.

جيئن ته عامر خان مسلمان ۽ سندس ڌيءَ جو مڙس هندو آهي تنهن ڪري سندن جوڙي جي شاديي به ڀارت ۾ خاص قانون تحت ٿي آهي.

اهڙي شادي لاءِ خاص رجسٽريشن ڪرائي ويندي آهي جنهن بعد جوڙو پنهنجين پنهنجي روايتن موجب شادي ڪري سگهي ٿو.

عامر خان جي ڌيءُ ايرا خان جي شادي جون تقريبون ممبئي جي هڪ فائيو اسٽار هوٽل ۾ ٿيون جنهن ۾ بالي ووڊ ۽ ڪاروباري شخصيتن سميت ويجهن مائٽن ۽ دوستن شرڪت ڪئي.

عامر خان جي ڌيءُ ايرا خان ۽ نوپور شيکري شادي جي رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ تي صحيحون ڪيون ۽ اهڙي وڊيو به وائرل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.