”اسٽيٽ بينڪ مرزا فيملي جي سهولتڪاري ڪري رهي آهي“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سعيد غني چيو آهي ته بينڪ مرزا فيملي جي سهولتڪاري ڪري رهي آهي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو ته فهميده مرزا قرض معاملي ۾ ضمانتي آهي ۽ 20 لک رپين کان وڌيڪ جو قرضي اليڪشن نٿو وڙهي سگهي، سمورا ضمانتي ان جا ذميوار هوندا آهن.

هن اسٽيٽ بينڪ تي سوال اٿاريو ته موڪل جي ڏهاڙي اسٽيٽ بينڪ طرفان اليڪشن ڪميشن کي خط لکيو ويو، اسٽيٽ بينڪ مرزا ڪٽنب جي سهولتڪاري ڪري رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.