بلاول ۽ فريال جا نامزدگي ڪاغذ منظور، فهميده ۽ ذوالفقار مرزا جا رد

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) عام چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جي سيٽ لاءِ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جا لاڙڪاڻي مان نامزدگي ڪاغذ منظور ٿي ويا.
لاڙڪاڻي مان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 194 ۽ اين اي 196 تان بلاول ڀٽو زرداري جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا، جڏهن ته فريال ٽالپر جا صوبائي اسيمبلي جي سيٽ پي ايس 10 تان نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا.
اين اي 194 تان جي يو آءِ جي راشد محمود ۽ 196 تان جي يو آءِ جي ناصر محمود جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا، جن جو پ پ چيئرمين سان مقابلو ٿيندو.
لاڙڪاڻي جي صوبائي اسيمبلي جي سيٽ پي ايس 11 ۽ پي ايس 12 تان جي ڊي اي اميدوار معظم عباسي جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا، جڏهن ته اين اي 195 تان جي ڊي اي جي صفدر عباسي جا نامزدگي ڪاغذ منظور ٿيا.
هوڏانهن بدين مان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 223 تان جي ڊي اي اميدوار فهميده مرزا جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا، جڏهن ته سندس مڙس ذوالفقار مرزا ۽ پٽ حسام مرزا جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا آهن.
بدين جي تڪ اين اي 223 تان پ پ جو رسول بخش چانڊيو اميدوار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.