جهوڪ شريف ۾ نوجوان ناري نيني صوفي کي تشدد ڪري گهٽا ڏئي مارڻ جو انڪشاف

جهوڪ شريف (ويب ڊيسڪ) جھوڪ شريف ۾ ھڪ ڏينھن اڳ فوت ٿيل نوجوان نياڻي نيني صوفي کي مبينا طور سخت تشدد بعد گھٽا ڏئي مارڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

ناري جي والد صوفي غلام شبير ميڊيا آڏو دانهيو ته سندس 20سالا نياڻي نينيء کي سندس مڙس صوفي غيور ۽ سندس ماءُ سخت تشدد ڪرڻ کانپوءِ گھٽا ڏئي قتل ڪيو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته کيس نياڻي سان ملڻ نه ڏنو ويندو هو، کيس استري جا ڏنڀ ڏنا ويندا هئا، وار ڪٽي تذليل ڪئي ويندي هئي، سندس کاڌو پيتو بند ڪيو ويو هو ۽ کيس باٿ روم ۾ بند ڪري رکيو ويندو هو.

هن الزام هنيو ته سندس ڌيءَ کي گذريل رات گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو آهي ۽ اهڙي دانهن ٿاڻي تي کڻي به ويس پر ايس ايڇ او ملڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

هن گهر ڪئي ته سندس ڌيءُ سان ٿيل ظلم جو نوٽيس وٺي ساڻس انصاف ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.