انساني چپن جيان نظر ايندڙ هن ٻوٽي جي ڪهڙي خاص ڳالهه آهي؟

انساني چپن جيان نظر ايندڙ هي خوبصورت ٻوٽو ”هوڪرز لپس“ خطري ۾ آهي.
انساني چپن جيان نظر ايندڙ ٻوٽو ”هوڪرز لپس“ ڏکڻ ۽ وچ آمريڪا جي ملڪن ۾ ڦٽندو آهي ۽ اهو آمريڪا جي ڏکڻ ملڪ ايڪواڊور جي رين فارسٽ جو مقامي ٻوٽو آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب ان ٻوٽي کي ”هوڪرز لپس“ کانسواءِ ”هارٽ لپس پلانٽ“ به چيو ويندو آهي.
اهو ٻوٽو ايترو خاص ڇو آهي؟
ميڊيا رپورٽس موجب ان ٻوٽي کي خاص ان جا پن بڻائين ٿا جن کي ”بريڪٽ“ چوندا آهن ۽ اهو اهي بئي پن گڏجي انسان چپن جي شڪل جهڙا بڻجي ويندا آهن.
ڳاڙهي رنگ جا بريڪٽ پولينيٽرز (فرٽيلائزنگ ۾ مدد ڪندڙ جاندار) کي پاڻ ڏانهن ڇڪڻ ۾ مدد ڪندا آهن، جن ۾ پوپٽ ۽ دنيا جي سڀ کان ننڍي جهرڪي ”همنگ برڊ“ به شامل آهن.
اهو گُل ڪڏهن ڦٽندو آهي؟
ميڊيا رپورٽس موجب ان گُل جي ڦٽڻ جي موسم ڊسمبر کان مارچ جي وچ ۾ هوندي آهي ۽ وچ آمريڪا جا ماڻهو ان کي پنهنجي محبت جي اظهار جي طور تي تحفي طور به ڏيندا آهن ۽ خاص طور تي ويلنٽائن ڊي (محبت جي ڏهاڙي) تي ان جي گھرج ۾ اضافو ٿي ويندو آهي جڏهن ته ان جا پن کل جي مرضن جي مختلف بيمارين ۾ به استعمال ٿيندا آهن.
بدقستي سان اهو ٻوٽو خطرن ۾ آهي
ميڊيا رپورٽس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اهو خوبصورت ۽ ڌيان ڇڪيندڙ ٻوٽو خطري ۾ آهي ۽ هوريا هوريان دنيا مان ختم ٿيندو پيو وڃي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته موسمياتي تبديلين جتي ٻوٽن ۽ جانورن جي مختلف قسمن کي خطرن ۾ وجهي ڇڏيو آهي اتي ئي ٻوٽا به موسمياتي تبديلين ۽ ٻيلن جي ڪٽائيءَ سبب ختم ٿيندا پيا وڃن جن کي بچائڻ جي سخت ضرورت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.