ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڄي دنيا جيئن جيئن جديديت وڌي رهي آهي، تيئن تيئن رابطن جا طريقا به تبديل ٿي رهيا آهن.
هاڻي ماڻهو رابطا مختلف انداز ۾ ڪن ٿا، جيئن موبائيل فون، چيٽنگ ايپس ۽ آن لائن ڪالز وغيره. پر انهن رابطن سان اوهان ڪنهن جي احساسن کي نٿا سمجهي سگهو.
اوهان اهو نٿا ڄاڻي سگهو ته ڪنهن جي دل ۾ ڪهڙا احساس آهن ۽ اوهان پنهنجي احساسن کي ٻئي کي محسوس ڪرائڻ ۾ به ڏکيائي محسوس ڪري سگهو ٿا.
جيڪي ماڻهو هڪ ٻئي جي ويجها هوندا آهن، اهي به ڪڏهن ڪڏهن ڄاڻي نه سگهندا آهن ته اڳلي جي دل ۾ ڇا آهي.
روز ملاقات يا ٿوري دير لاءِ ڳالهه ٻولهه مان به ان ڳالهه جو اندازو لڳائڻ ڏکيو لڳندو آهي ته ته ڪير اوهان کي چاهي ٿو؟
اها پسنديدگي مختلف مرحلن ۾ ظاهر ٿيندي آهي پر اڪثر ماڻهو ان تي غور ناهن ڪندا.
ڪيترائي ماڻهو اهڙا آهن جيڪي ان ٻڏ تر ۾ رهندا آهن ته هو جن کي پسند ڪن ٿا ڇا اهو به کين پسند ڪري ٿو؟
ڪجهه اهڙيون شيون ضرور آهن جن ذريعي بنا ڪجهه چوڻ جي اهو ڄاڻي سگهو ٿا ته ڇا هو اوهان کي پسند ڪري ٿو؟
ان لاءِ اوهان کي سندس برونئن کي ڏسڻ گهرجي، اهو شخص ڪير آهي جيڪو اوهان کي ڏسندو آهي ته سندس ڀرون اڀا ٿي ويندا آهن، جيڪڏهن هو اوهان کي ڏسندو يا اوهان بابت بڌندو آهي ته غور ڪندو آهي ڇو ته هو اوهان بابت وڌيڪ ڄاڻڻ چاهيندو آهي. سندس اکيون مٿان برون پڻ مٿي ٿي ويندا آهن،.
جيڪو اوهان کي پسند ڪندو آهي ان جا هٿ عام طور تي ٿڌا هوندا آهن ڇو ته هو ان گهٻراهٽ ۾ هوندو آهي ته مٿان ڪا غلطي ڪري ويهي ۽ اوهان کي ڪاوڙائي وجهي.
اهو ئي سبب آهي جو هن جا هٿ ٿڌا محسوس ٿيندا يا هو هٿ مهٽي به سگهي ٿو.
ان جو هڪ ٻيو طريقو ٿورو عجيب لڳي سگهي ٿو پر اهو ان وضاحت لاءِ ڪافي آهي ته هو اوهان جي ويجهو رهڻ چاهي ٿو. جڏهن به ماڻهن جي ميڙ ۾ کيس موقعو ملندو هو ته هو اوهان جي ويجهو سري ايندو ۽ اوهان جي ڳالهه ٻڌندو ۽ اوهان جو چيل هڪ به لفظ ٻڌڻ کانسواءِ نه رهندو.
جيڪي ماڻهو ڪنهن سان مضبوط رابطو چاهيندا آهن اهي هميشه ڪوشش ڪندا آهن ته ڪنهن ريت هو ساڻن جڙيل رهن، ان لاءِ اهو شخص جڏهن کيس موقعو ملندو ته اوهان جو هٿ جهليندو ۽ ڪنهن به موقعي تي ڳالهائيندي هٿ جي تريءَ کي زور ڏيندو جنهن جي واضح معنيٰ اها ئي آهي ته هو اوهان سان رابطي ۾ رهڻ چاهي ٿو.
ڪي ماڻهو ڄنگهه تي ڄنگهه چاڙهي ويهندا آهن پر هو ائين نه ڪندو، جڏهن اوهان سان ڳالهائيندو ته ڄنگهه ڄنگهه تي رکي نه ويهندو ڇو ته اوهان کي ويجهي کان ٻڌڻ چاهي ٿو ۽ کيس جهڪڻ ۾ به سولائي ٿيندي. جيتوڻيڪ اها سٺي ڳالهه نٿي لڳي پر ان مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته هو اوهان تي اعتماد ڪري ٿو ۽ کيس اوهان سان ڳالهائڻ ۾ ڪا پريشاني ناهي.
جيڪڏهن اوهان ڪڏهن ان شخص جا ڊگها ساهه محسوس ڪيا هجن ته ان جو سبب اهو هوندو آهي ته کين وڌيڪ آڪسيجن جي طلب ٿيندي آهي ڇو ته سندن ڌيان اوهان تي هوندو آهي.
گهڻن ماڻهن سان رهندي جيڪڏهن اوهان ڪنهن کي ڏسو ته اهو اوهان جي اکين ۾ اکيون وجهي ڏسي رهيو آهي اها اوهان لاءِ سندس پسنديدگي جو اظهار آهي.
هڪ ٻي نشاني اها آهي ته جڏهن ڪو ڳڻتي ۾ هوندو آهي ته اهو ڳچي تي هٿ رکندو آهي، ڪي ماڻهو بنا سبب ائين ڪندا آهن پر اها به هڪ نشاني ٿي سگهي ٿي.
اوهان ان شخص کي کلندي به ڏٺو هوندو پر جڏهن اوهان موجود هوندا ته سندس ٽهڪ وڏا ۽ کليل هوندا ۽ سڀني کان مختلف لڳندا.
ڪڏهن ڪڏهن سندس آواز به تبديل هوندو ۽ وڌيڪ نرم ۽ مٺو لڳندو اوهان سان ڳالهائڻ دوران هو ان ڳالهه جو يقين ڪندو ته سندس آواز سٺو هجي آهستي ڳالهائي ۽ جيئن اوهان کي پريشاني نه ٿئي.
سندس اها خواهش هوندي ته هو اوهان کي اڳتي ڇڏي اچي، ان لاءِ کيس موقعو ملندو ٿوري دير اوهان سان گڏ گهمي سگهي. اوهان سان ٻه قدم هلڻ به ان لاءِ ڪافي هوندو.
ڪي ماڻهو پرايون شيون ڪٿي اڇلائي ڇڏيندا آهن پر جيڪو اوهان کي چاهيندو آهي اهو اوهان جي شين کي به سنڀالي رکندو آهي ۽ اوهان کي عزت ڏيندو آهي.
عام طور ماڻهو ٻين کان پري رهڻ چاهيندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن هو اوهان کي حادثاتي طور آٿت ڏيڻ لاءِ ڇهي به سگهي ٿو ڇو ته هو اوهان جي ويجهو رهڻ چاهي ٿو.
جڏهن به اوهان سان ڳالهائيندو هو صرف اوهان کي عزت ڏيندو ڀلي کڻي کيس ڪيتريون فونز ۽ ميسيجز اچن، موبائيل فون جو استعمال ڪڏهن نه ڪندو ڇو ته هن جي دلچسپي رڳو اوهان ۾ هوندي آهي.
چهرو به گهڻو ڪجهه ٻڌائيندو آهي، هڪ نشاني اها هوندي ته سندس مرڪ سان چپ ڌار هوندو، جڙيل چپن سان ڪڏهن نه مرڪندو. اهو سندس خوشي جو اظهار هوندو آهي.