روڊ حادثي ۾ فوت ٿيل نوجوان جي وارثن معافي گهرڻ آيل ڊرائيور کي قتل ڪري ڇڏيو

گوجرانوالا (ويب ڊيسڪ) گوجرانوالا ۾ ٽريفڪ حادثي ۾ فوت ٿيل نوجوان جي وارثن فائرنگ ڪري ٽرڪ ڊرائيور کي قتل ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب مقتول ڊرائيور عاشق قصور جو رهواسي هو، جنهن هڪ هفتو اڳ لاهور ۾ ٽرڪ هلائيندي موٽر سائيڪل سوار کي ٽڪر هنيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان سميع الله فوت ٿي ويو هو.
سميع الله جي وارثن لاهور ۾ واقعي جو ڪيس داخل ڪرايو هو، جڏهن ته ڊرائيور عاشق اڄ معافي گهرڻ فوتي نوجوان جي گهر ويو ته کيس فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو.
پوليس موجب واقعو صدر ٿاڻي جي حد ڪامونڪي ۾ پيش آيو، ان حوالي سان وڌيڪ جاچ جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.