ناسا خلائي ڪرسمس ٽري جي تصوير جاري ڪري ڇڏي

آمريڪي خلائي اداري ناسان هڪ اهڙي حيران ڪندڙ خلائقي هنڌ جي تصوير شيئر ڪئيآهي جيڪا چمڪندڙ ڪرسمس ٽري جيان نظر اچي ٿو.

ننڍي عمر جي ستارن جي چمڪڻ کي اين جي سي 2264 جو نالو ڏنو ويو آهي، جن مان ڪجهه ستارا سج کان به وڏا آهن.

ناسان پاران ڪجهه ڏينهن اڳ ان تصوير کي ايڪس (ٽوئيٽر) تي شيئر ڪيو ويو هو.

خلائي اداري موجب اهو هنڌ زمين کان 2500 نوري سال پري موجود آهي.

ناسا جي ماهرن ڪجهه ايڪسري آبزرويٽري ۽ ٻين ٽيلي اسڪوپس جي ڊيٽا کي گڏ ڪري ستارن کي سائي رنگ ۾ ڏيکاريو.

ناسا ٻڌايو ته اهو هنڌ Monoceros نالي ستارن جي جهنڊ ۾ موجود آهي ۽ اين جي سي 2264 ۾ موجود ستارا 10 کان 50 لک سال پراڻا آهن.

This composite image shows the Christmas Tree Cluster. The blue and white lights (which blink in the animated version of this image) are young stars that give off X-rays detected by NASA’s Chandra X-ray Observatory. Optical data from the National Science Foundation’s WIYN 0.9-meter telescope on Kitt Peak shows gas in the nebula in green, corresponding to the “pine needles” of the tree, and infrared data from the Two Micron All Sky Survey shows foreground and background stars in white. This image has been rotated clockwise by about 160 degrees from the astronomer’s standard of North pointing upward, so that it appears like the top of the tree is toward the top of the image.

ناسا موجب سائو رنگ حقيقت ۾ گيس آهي جڏهن ته نيرا ۽ اڇا نقطا ننڍي عمر جي ستارن جي خارج ٿيندڙ ايڪس ريز آهن.

ان کان نومبر تي جيمز ويب اسپيس ٽيلي اسڪوپ ۽ هبل اسپيس ٽيلي اسڪوپ ذريعي ورتل تصويرون جاري ڪيون ڪيون هيون جن کي ڪرسمس ٽري گيليڪسي Cluster جو نالو ڏنو ويو هو.

ڪرسمس ٽري گيليڪسي Cluster زمين کان4.3 ارب نوري سال پري موجود آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.