ڪراچي (ويب ڊيسڪ) حڪومت جون دعوائون ۽ ڪوششون اڃا تائين بيڪار ثابت ٿي رهيون آهن، يوريا جي 50 ڪلوگرام ٻوري جي اگهه ۾ 349 رپيا واڌ ٿي آهي.
يوريا جي 50 ڪلوگرام ٻوري جو اگهه 5 هزار 899 رپيا ٿي ويو آهي، سڄي ملڪ جي ڀيٽ ۾ حيدرآباد ۾ يوريا جي ٻوري جو اگهه سڀ کان وڌيڪ آهي.
سرڪاري دستاويزن موجب حيدرآباد ۾ يوريا جي 50 ڪلو ٻوري جي قيمت ۾ 349 رپيا، سکر ۾ 300 رپيا، ڪوئيٽا ۾ 200 رپيا، ملتان ۾ 100 رپيا ۽ لاڙڪاڻي ۾ 50 ڪلوگرام جي ٻوري جو اگهه 60 رپيا وڌي ويو آهي.
دستاويزن موجب حيدرآباد ۾ 50 ڪلوگرام يوريا جي ٻوري جو اگهه سڀ کان وڌيڪ 5 هزار 899 رپيا، سکر ۾ 5 هزار 300، پشاور ۽ راولپنڊي ۾ 5 هزار، گوجرانوا ۾ 4 هزار 800، ڪوئيٽا، لاڙڪاڻي ۾ 4 هزار 967 رپيا ٿي ويو.
لاهور ۾ 50 ڪلو يوريا جي ٿيلهي جو اگهه 3 هزار 800 ۽ بنون ۾ 3 هزار 700 رپيا آهي.
سرڪاري دستاويز موجب ملڪ ۾ يوريا جي 50 ڪلو ٿيلهي جي سراسري قيمت 55 رپيا وڌي وئي آهي.
گذريل هفتي دوران ۽ بعد ۾، سراسري اگهه 4 هزار 493 رپيا تائين وڌي ويو.
حڪومتي ذريعن موجب نگران حڪومت ملڪي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ 2 لک ميٽرڪ ٽن يوريا درآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، انتظامي قدمن ۽ درآمدي يوريا جي فراهمي کانپوءِ اگهن ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي.