ڊاڪٽر آپريشن دوران مريض کي ٺونشو وهائي ڪڍيو

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين ۾ مبينا طو تي ڊاڪٽر آپريشن دوران مريض کي مڪ وهائي ڪڍي.

لاڳاپيل عملدارن اسپتال ۾ پيش آيل معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

واقعي جي وڊيو چين ۾ سوشل ميڊيا تي هلندڙ هفتي وائرل ٿي هئي جنهن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو.

2019 ۾ پيش آيل هن واقعي تي ڊاڪٽر کي معطل ۽ اسپتال جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر کي برطرف ڪيو ويو آهي.

مريض جي اکين جي آپريشن دوران ڊاڪٽر 3 ڀيرا کيس مڪون هنيون هيون.

82 سالن جي مريض عورت سرجري دوران اينسٿيزيا جي ڪري پريشان هئي.

مريض عورت جي پٽ جو چوڻ هو ته سرجري بعد اسپتال انتظاميا معذرت ڪئي ۽ 500 يو آن کين معاوضو ڏنو ويو هو.

عورت مريض جي پٽ چيو ته سندس ماءُ اک مان ڏسي نه پئي سگهي، اهو واضح ناهي ته اهو واقعو ڇو پيش آيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.