ڪراچي: ڦر مزاحمت تي دڪاندار قتل، شهرين جي تشدد ۾ ٽئي ڦورو مارجي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ ڦر مزاحمت تي دڪاندار قتل ٿي ويو، جڏهن ته شهرين جي تشدد ۾ 3 ڦورو به مارجي ويا.
پوليس موجب اورنگي ٽائون ۾ جانورن جي چاري جي دڪان ۾ 3 جوابدار داخل ٿيا ۽ ڦرلٽ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي جوابدار فائرنگ ڪري فرار ٿيڻ لڳا.
ڦورن جي فائرنگ ۾ دڪاندار مارجي ويو، جنهن جي سڃاڻپ شهروز جي نالي سان ٿي، ان دوران ماڻهن پهچي ٽنهي جوابدارن کي پڪڙي ورتو ۽ کين سخت تشدد جو نشانو بڻايو.
اطلاع تي پوليس جي وڏي نفري پهچي وڏي ڪوششن سان جوابدارن کي بچايو ۽ ٽنهي کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ اسپتال نيو ويو.
پوليس اختيارين موجب ٽنهي فورن علاج دوران اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو، في الحال جوابدارن جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.