آصف زرداري نوابشاهه مان چونڊ وڙهندو، ڪاغذ وصول

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جا نامزدگي ڪاغذ وصول ڪيا ويا.

نوابشاهه ۾ ريٽرننگ آفيسرن کان اين اي 207 تان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جا چونڊ فارم وصول ڪيا ويا.

آصف زرداري جو اليڪشن فارم ايڊووڪيٽ غلام شبير زرداري وصول ڪيو.

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڀيڻ، پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ سنڌ جي اڳوڻي صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو جو به فارم پي ايس 36 جي تڪ تان وصول ڪيو ويو.

ٻئي طرف اڳوڻي وزيراعظم ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ يوسف رضا گيلاني ملتان جي تڪ اين اي 148 تان نامزدگي ڪاغذ حاصل ڪري ورتا آهن.

تحريڪ انصاف جي اڳوڻي ڊويزنل صدر اعجاز حسين جنجوعه اين اي 149 تان نامزدگي ڪاغذ حاصل ڪري ورتا آهن.

اين اي 149 تان مسلم ليگ ن جي اميدوار طارق رشيد به نامزدگي ڪاغذ حاصل ڪيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.