اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي گهر جي گيراج ۾ ڌماڪو، ٻه پوليس اهلڪار زخمي

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي گهر جي گيراج ۾ ڌماڪو ٿيو آهي.
پوليس موجب ڌماڪي سان گهر جي درين جا شيشا ڀڄي پيا ۽ گاڏي کي به نقصان پهتو، جڏهن ته سيڪيورٽي تي مقرر ٻه پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا.
پوليس ٻڌايو ته شروعاتي جاچ موجب موٽر سائيڪل سوار جوابدار ڪريڪر ڦٽو ڪري فرار ٿيا.
هوڏانهن اڳوڻي چيف جسٽس جي سيڪريٽري ميان آصف چيو ته ثاقب نثار ڪجهه دير اڳ ئي ان گاڏي ۾ گهر پهتو هو ۽ گاڏي رٽائرمينٽ کانپوءِ اڳوڻي چيف جسٽس کي سرڪاري طور ملي.
هن ٻڌايو ته جڏهن ڌماڪو ٿيو ته ثاقب نثار جي گاڏي گيراج ۾ بيٺي هئي، ڌماڪو شديد هو، جنهن سان گهر جي درين جا شيشا ڀڄي پيا.
ٻئي پاسي اڳوڻي آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور سي سي سي پي او لاهور کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي.
آءِ جي پنجاب ڌماڪي ۾ زخمي اهلڪارن کي علاج جي بهتر سهولتن جي فراهمي جي هدايت ڪئي.
پنجاب پوليس جي ترجمان ٻڌايو ته اڳوڻي چيف جسٽس جا گهر ڀاتي محفوظ آهن، جڏهن ته پوليس ڪانسٽيبل عامر ۽ خرم معمولي زخمي ٿيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.