اسان جي جسم ۾ جيڪڏهن ڪنهن به سبب جي ڪري رت جا ڳاڙها ذرڙا گھٽجي وڃن ته اهو انيميا جو عارضو هوندو آهي جنهن جو علامتون ۽ جسماني پيچيدگيون ظاهر ٿي سگھن ٿيون.
هونئن ته رت جي کوٽ کي دنيا ۾ ڪروڙين ماڻهو منهن ڏيندا آهن پر هڪ رپورٽ موجب پاڪستان ننڍي عمر جون ڇوڪريون ۽ پنجن سالن ننڍي عمر جا ٻار رت جي کوٽ جو شڪار آهن.
هڪ خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي صحت واري نگران وفاقي وزير جسم ٿيندڙ رت جي کوٽ ۽ ان جي ڪري ٿيندڙ مسئلن ۽ ان جي حل بابت ٻڌايو.
هن ٻڌايو ته رت جي کوٽ کي طبي ٻوليءَ ۾ انيميا چيو ويندو آهي انيميا حقيقت ۾ جسم ۾ رت جي ڳاڙهڻ ذرڙن جي کوٽ کي چيو ويندو آهي، جنهن جا ڪيترائي قسم آهن پر سڀ کان عام قسم جسم ۾ آئرن جي کوٽ جو نتيجو هوندو آهي.
هن چيو ته پاڪستان جي ننڍي عمر جي ڇوڪرين مان 54 سيڪڙو رت جي کوٽ جو شڪار آهن ۽ ان کان به وڌيڪ ڳڻتي جوڳي ڳالهه اها آهي ته هڪ کان وٺي پنجن سالن جا 62 سيڪڙو ٻار به انيميا جا مريض آهن.
هن چيوته عوام ۾ آگاهي جي گھٽتائي ۽ غريب ۾ اضافو ان جو سڀ کان وڏو سبب آهن، ان مرض جي علامتن ۾ ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي يا مٿي کي چڪر اچڻ، ٿڪ گھڻو محسوس ٿيڻ، کَلَ جو رنگ ڦڪو ٿي وڃڻ، سيني ۾ سور ۽ دل جو ڌڙڪو وڌي وڃڻ شامل آهن.
آئرن جي کوٽ جي صورت ۾ جيڪڏهن جسم ۾ رت جي کوٽ هجي ته ڪجهه غذائون فائديمند ثابت ٿينديون آهن جهڙوڪ کير مان ٺهيل شيون، ڪيلشيم سان ڀرپور خوراڪ، ڪيلشيم سپليمينٽس، ڪافي ۽ چانهه وغيرا، جڏهن ته ليمي کي به ان حوالي سان بهترين سمجهيو ويندو آهي.
نوٽ: مٿي بيان ڪيل لکت عام راءِ تي ٻڌل آهي، ڪنهن به نسخي يا دوا کي ڊاڪٽر جي مشوري جو متبادل نه سمجهيو وڃي.
You might also like