ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اياز ميلي جي انتظاميا کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان لاڳاتار ڪاميابي سان ميلو منعقد ڪرڻ تي واڌايون پيش ڪريان ٿو.
پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته علمي ادبي سرگرميون هڪ باشعور معاشري جو ثبوت هونديون آهن، اياز ميلو پڻ شيخ اياز جهڙي مهان ڪوي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ سماج ۾ علم ۽ شعور پکيڙڻ جو هڪ املهه وسيلو آهي.
هن چيو ته شيخ اياز رڳو سنڌي ٻولي جو بيمثال شاعر ۽ ليکڪ ناهي، هو سنڌ جي هڪ سڃاڻپ آهي، شيخ اياز مرحوم جو علمي ۽ ادبي ورثو سنڌ سميت پوري پاڪستان ۽ سڄي انسانذات لاءِ هڪ اڻملهه اثاثو آهي.
سندس موجب قائدِ عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شيخ اياز جي سوچ ۽ ڏاهپ کان متاثر هو، اه وئي سبب آهي ته قائدِ عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي حڪومت دوران شيخ اياز مرحوم کي سنڌ جي سڀ کان وڏي مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو هو، قائدِ عوام جو اهڙي قدم پٺيان اهو تدبر هو ته ملڪ جي نوجوان نسل جي علمي ۽ فڪري آبياري جي مهنداري شيخ اياز جهڙي قدآور عالم ۽ فاضل جي هٿ هيٺ هجڻ گهرجي.
پ پ چيئرمين چيو ته منهنجي لاءِ اهو قابلِ فخر آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجي باني چيئرمين قائدِ عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شيخ اياز جو احترام ڪرڻ ۽ سندس فن ۽ فڪر کي مڃتا ڏيڻ واري واٽ تي سدائين قائم رهي آهي، هڪ پاسي سنڌ جي گذريل عوامي حڪومت شڪارپور ۾ شيخ اياز يونيورسٽي قائم ڪري عظيم شاعر کي ڀيٽا پيش ڪئي آهي ته ٻئي پاسي ثقافت کاتي پاران شيخ اياز جا لڳ ڀڳ سمورا ڪتاب ڇاپي هڪ عظيم علمي سرمائي کي محفوظ ڪيو ويو آهي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سجاڳ سماج ڪڏهن به پنهنجن هيرن کي ناهن وساريندا، شيخ اياز اسان جو فخر آهي، سندس شاعري امر آهي ۽ هو سدائين اسان جي دلين ۾ زندهه رهندو.
Prev Post
You might also like