ڪراچي: ڊفينس ۾ فهميدا مرزا جي گاڏي سان حادثو، زخمي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ اڳوڻي قومي اسيبملي جي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميدا مرزا جي گاڏي سان حادثو پيش آيو آهي جنهن ۾ هو زخمي ٿي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو ۽ سندس حالت خطري کان ٻاهر آهي.

ڊاڪٽر فهميده جي گاڏي کي پٺيان ايندڙ تيز رفتار گاڏي ٽڪر هنيو  هو.

ڊاڪٽر فهميده مرزا هڪ پاڪستاني سياستدان آهي، جنهن مارچ 2008ع کان جون 2013ع تائين پاڪستان جي قومي اسيمبليءَ جي 18هين ۽ واحد عورت اسپيڪر طور خدمتون سرانجام ڏنيون.

هوءَ آگسٽ 2018ع کان اپريل 2022ع تائين بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير پڻ رهي. هوءَ 20 ڊسمبر 1956ع تي ڪراچي، پاڪستان پيدا ٿي ۽ ڊاڪٽر، زراعت جي ماهر ۽ ڪاروباري عورت آهي.

هن پاڪستاني سياستدان ذوالفقار مرزا سان شادي ڪئي ۽ کيس ٻه پٽ ۽ ٻه ڌيئرون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.