”بلوچستان کي پاڪستان سمجهيو ئي نه ويو، اسان لاءِ بلوچستان اڳ ۾ ٻيا صوبا پوءِ آهن“

تربت (ويب ڊيسڪ) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته اسلام آباد بلوچستان کي پاڪستان سمجهيو ئي نه پر اسان لاءِ بلوچستان اڳ ۾ ۽ ٻيا صوبا پوءِ آهن.
تربت ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي آصف علي زرداري چيو ته بلوچستان کي پاڪستان نه سمجهيو ويو، مون کي پختونن نه چيو هو ته نالو ڏي پر مون کي خبر هئي ته اها انهن جي خواهش آهي، انهن کي نالو ڏيڻ تي فخر آهي، جيڪڏهن اهو ڏوهه آهي ته اسان وڌيڪ جيل ڪاٽينداسين.
هن چيو ته چونڊن جو دور آهي ۽ سڀني جي خواهش آهي ته اسان اقتدار ۾ اچون پر پ پ کي اقتدار ۾ اچڻ جي خواهش عوام جي خدمت لاءِ آهي، اسان تي شهيد ڀٽو ۽ شهيد بي بي جو قرض آهي، اسان بلوچستان ۽ پاڪستان کي ٺاهينداسين، اسان لاءِ بلوچستان اڳ ۾ ۽ ٻيا صوبا پوءِ آهن.
سندس چوڻ هو ته هتان جي نوجوانن کي وساريو ويو آهي، چاهيان ٿو ته اهي واپس اچن، اسان انهن جي خدمت ڪنداسين، ٻيا ملڪ انهن کي نٿا پالي سگهن، اسان پاڻ کي پاڻ هلائينداسين.
آصف زرداري چيو ته اسان بلوچستان جي هر ضلعي ۾ تعليمي ادارا قائم ڪنداسين، ميڊيڪل ڪاليج ۽ ميڊيڪل يونيورسٽيون ٺاهينداسين، اسپتالون ٺاهينداسين ۽ اهو سڀ عوام جي طاقت جي زور سان ٿيندو، منهنجو ساٿ ڏيو، مان سڀني کي سنڀاليندس.
اڳوڻي صدر چيو ته بلوچستان ۾ تمام گهڻا وسيلا آهن، اڳتي وڌڻ جي تمام گهڻي گنجائش آهي، بلوچستان جي ماڻهن کي درخواست آهي ته اهي ملڪ کي بچائڻ لاءِ اڳتي اچن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.