آرمي پبلڪ اسڪول سانحي کي 9 سال مڪمل، قوم جا زخم اڄ به تازا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آرمي پبلڪ اسڪول سانحي کي 9 سال گذري ويا پر قوم جا زخم اڄ به تازا آهن.
16 ڊسمبر 2014 ۾ ملڪي تاريخ جو دردناڪ واقعو پيش آيو، فورسز جون ورديون پاتل 6 دهشتگردن آرمي پبلڪ اسڪول ۾ داخل ٿي شاگردن جي انڌاڌند فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 122 معصوم شاگردن سميت 147 ڄڻا شهيد ٿي ويا.
دهشتگردن سان مقابلي ۾ ٻن آفيسرن سميت 9 سيڪيورٽي اهلڪار زخمي ٿيا، ان کانسواءِ آرمي پبلڪ اسڪول حملي ۾ ملوث 6 دهشتگردن کي سيڪيورٽي فورسز گرفتار ڪيو، جن کي ملٽري ڪورٽس موت جون سزائون ٻڌايون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.