فاطمه ڦرڙو ڪيس ۾ غلط شاهديون پيش ڪرڻ تي انڪوائري ڪميٽي جي رپورٽ رد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس ۾ سنڌ جي صحت واري نگران وزير ڊاڪٽر سعد خالد انڪوائري ڪميٽي جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي.
صوبائي صحت کاتي جي ترجمان موجب رپورٽ ۾ غلط شاهديون پيش ڪيون ويون، فاطمه جو ڊي اين اي جن ماڻهن سان ميچ ٿيو، ان کي رپورٽ ۾ ظاهر نه ڪيو ويو.
ترجمان ٻڌايو ته نگران وزير طرفان اجلاس گهرايو ويو، جنهن ۾ انڪوائري ڪميٽي جي رپورٽ کي رد ڪيو ويو.
صوبائي صحت کاتي موجب زيادتي کانپوءِ فاطمه جو چيڪ اپ گيسٽرو انٽرولاجسٽ ڪيو، ان زيادتي جي تصديق نه ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ شڪارپور جي ٻن ڊاڪٽرن کي به معطل ڪيو ويو هو.
صحت واري نگران وزير طرفان ٻي ڪميٽي جوڙي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.