شوڪت صديقي ڪيس، سپريم ڪورٽ جي فيض حميد سميت ٻين کي ڌر بڻائڻ لاءِ هڪ ڏينهن مهلت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي جج شوڪت عزيز صديقي جي برطرفي بابت ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني لارجر بئنچ اڳوڻي جج شوڪت عزيز صديقي جي برطرفي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جسٽس امين الدين خان، جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس عرفان سعادت به لارجر بئنچ ۾ شامل آهن.
شوڪت عزيز صديقي جي وڪيل حامد خان روسٽرم تي اچي چيو ته ڪيس ۾ بئنچ تبديل ٿي وئي آهي، ان کان اڳ جسٽس عمر عطا بنديال بئنچ ۾ هو، جسٽس سردار طارق ۽ جسٽس اعجاز الاحسن به بئنچ ۾ هئا، مون کي هن بئنچ ۾ به ڪنهن تي اعتراض ناهي.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اڳوڻي جا 3 ميمبر رٽائر ٿي چڪا آهن، سرڪار طرفان ڪير آهي؟ جنهن تي اٽارني جنرل روسٽرم تي اچي ويو.
وفاقي حڪومت شوڪت عزيز صديقي جون درخواستون ٻڌڻي جوڳيون هجڻ تي اعتراض اٿاريندي چيو ته شوڪت عزيز صديقي جون درخواستون ٻڌڻي جوڳيون هجڻ جي مخالفت ڪيون ٿا.
چيف جسٽس چيو ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر قانون بڻجي چڪو آهي، صحافين کي به ڏسڻ گهرجي ته قانون موجب بئنچون ٺهنديون آهن، موبائل پڪڙي هر ڪو صحافي ناهي بڻجي ويندو پر صحافي جو وڏو درجو هوندو آهي، ملڪ ۾ جمهوريت اچي رهي آهي ته عدليا ۾ به جمهوريت اچي رهي آهي.
حامد خان اڳوڻي جج شوڪت عزيز صديقي جي تقرير جو ٽرانسڪرپٽ پڙهي ٻڌايو ۽ چيو ته سندس اصيل کي چيو ويو جيڪڏهن توهان ان جي خواهش موجب فيصلو ٻڌائي ڇڏيو ته توهان کي چيف جسٽس بڻايو ويندو، جنهن تي چيف جسٽس حامد خان کي ٽوڪيندي چيو ته جيڪڏهن توهان ڪنهن تي الزام لڳائي رهيا آهيو ته ان کي توهان کي پارٽي بڻائڻ گهرجي، حامد خان چيو ته اسان کي ان وقت موقعو نه ڏنو ويو هو، چيف جسٽس چيو هاڻ ته توهان وٽ موقعو به آهي.
چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن توهان ڪنهن تي الزام هڻي رهيا آهيو ته ايترو ته هجڻ گهرجي جو اسان انهن کي به ٻڌون، ٿي سگهي ٿو ته هو اچي مڃي وڃي يا ٿي سگهي ٿو ته هو اچي پنهنجو ڪو موقف پيش ڪري، منهنجو اصول آهي ته جنهن تي الزام هڻو ته ان کي به ٻڌو، ٿي سگهي ٿو ته هو الزامن کي تسليم ڪري، جيڪڏهن ڪنهن شخص کي ڌر نٿا بڻايو ته ان شخص جو نالو نه کڻجو.
چيف جسٽس چيو تباهي اها آهي ته اسان شخصيتن کي برو ناهيون چوندا ۽ اداري کي برو چوندا آهيون، ادارا ته اهي ئي رهندا آهن، اداري کي ماڻهو هلائيندا آهن، ادارن ۾ سٺا ۽ برا ماڻهو به هوندا آهن.
جسٽس جمال خان مندوخيل پڇاڻو ڪيو ته توهان جو الزام هڪ شخص تي آهي يا اداري تي؟ جنهن تي حامد خان چيو ته مان الڳ درخواست ۾ فيض حميد ۽ آءِ ايس آءِ جي بريگيڊيئر جو گهر اچڻ جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن تي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته جڏهن توهان جو الزام هڪ فرد تي آهي ته ان کي ڌر ته بڻايو.
سپريم ڪورٽ اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد سميت ٻين کي ڪيس ۾ ڌر بڻائڻ لاءِ هڪ ڏينهن جي مهلت ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.