ڀٽو ريفرنس تي بختاور ۽ آصفه جو ردعمل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شهيد بينظير ڀٽو جي ٻنهي نياڻين بختاور ۽ آصفه شهيد ذوالفقار علي ڀٽو صدارتي ريفرنس تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي ٽوئيٽ ڪندي آصفه لکيو ته اڄ سپريم ڪورٽ لاءِ سنگين غلطي کي سڌارڻ جو موقعو آهي، 40 ورهين کان انصاف جي ايوانن کي ان شرمندگي داغدار ڪيو آهي ته جن ججن کي انصاف جي فراهمي جي ذميواري ڏني وئي، انهن آمريت جي دٻاءَ ۾ ان کي سزا ڏيڻ جو اعتراف ڪيو.
آصفه جي پوسٽ کي ري شيئر ڪندي وڏي ڀيڻ بختاور به ريفرنس ڪيس تي ردعمل جو اظهار ڪيو.
هن پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته نيٺ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڏوهٽي بلاول ڀٽو زرداري ۽ ناٺي آصف علي زرداري تاريخ جي درستگي کي يقيني بڻايو.
سندس چوڻ هو ته اڄ شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي فخر ٿئي ها ته سندس گهرڀاتي ان جو خواب پورو ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.