ايبٽ آباد (ويب ڊيسڪ) ايبٽ آباد ۾ ڪمري اندر هيٽر مان گئس ليڪيج سبب ماءُ ۽ 4 ٻار فوت ۽ پيءُ بيهوش ٿي ويو.
پوليس موجب نوان شهر جي علائقي ۾ زال مڙس ۽ سندن 4 ٻار گذريل رات ڪمري ۾ هيٽر هلائي سمهي پيا هئا.
گئس ليڪيج سبب ساهه منجهڻ جي ڪري ماءُ ۽ 4 ٻار فوت ٿي ويا، جڏهن ته پيءُ بيهوش ٿي ويو.
پوليس موجب بيهوش شخص کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ اسپتال نيو ويو.
Prev Post
You might also like