ڪراچي ۾ پوليس جي فائرنگ سان مارجي ويل عورت جي مڙس اهلڪارن کي معاف ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي بلال ڪالوني ۾ پوليس جي فائرنگ سان مارجي ويل عورت جي مڙس اهلڪارن کي معاف ڪري ڇڏيو.
واضح رهي ته گذريل رات بلال ڪالوني ۾ پوليس ۽ ڦورن ۾ مقابلي دوران عورت مارجي وئي هئي.
واقعي کانپوءِ مقابلي ۾ حصو وٺندڙ شاهين فورس جي 4 اهلڪارن کي حراست ۾ ورتو ويو هو، جن مان ٻن کي پڇا ڳاڇا کانپوءِ ڇڏيو ويو، جڏهن ته ڪانسٽيبل روحان سعيد ۽ علي رضا کي باقاعدي طور گرفتار ڪيو ويو.
پر هاڻ مقتولا جي مڙس رفيق فائرنگ ڪندڙ پوليس اهلڪارن کي معاف ڪري ڇڏيو آهي.
پنهنجي بيان ۾ رفيق چيو ته فائرنگ ڪندڙ اهلڪار يتيم آهن، تنهن ڪري کين معاف ڪري رهيو آهيان، انهن خلاف ڪيس داخل نه ڪرائيندس.
هن چيو ته پوليس اسان سان سهڪار ڪيو، اهلڪارن کي لاڪ اپ ڪيو ويو هو، اعليٰ اختيارين کي اپيل آهي ته اهي تربيت يافته اهلڪارن کي روڊن تي مقرر ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.