صوف جي چانهه ڪيئن ٺاهبي آهي؟ فائدا ڄاڻيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سائي چانهه، ليمي واري چانهه ۽ هر قسم جي ٻي چانهه وزن گهٽائڻ لاءِ عام طور تي استعمال ٿيندي آهي پر ميون جي چانهه سان ٿلهن ماڻهن جي چرٻي تيزي سان ڳرندي آهي.

غذائي ماهرن موجب صوف جي چانهه وزن گهٽائڻ لاءِ بهتر اثر ڏيکاري ٿي.

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته صوف کائڻ سان کوڙ بيمارين کان بچي سگهجي ٿو پر صوف جي چانهه پيئڻ سان به وزن گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي.

ان کي ٺاهڻ لاءِ 2 ڪپ پاڻي ٿانو ۾ وجهي گرم ڪريو، پوءِ ان ۾ ٽي بيگ ۽ ليمي جي رس ملايو. هاڻي پاڻي کي ٻيهر اٻاريو ۽ صوف جا ڪجهه ٽڪرا ٿانو ۾ وجهو.

هاڻي ان ۾ دارچيني پائوڊر وجهي ٿانو گيس تان لاهي چانهه ڇاڻي وٺو.

جيڪڏهن اوهان اها چانهه پيئندا رهو ته ڪجهه ڏينهن ۾ اوهان جو زون گهٽجڻ شروع ٿي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.