8 فيبروري تي اهڙو سرپرائز ڏينداسين جو رائيونڊ ياد رکندو: بلاول ڀٽو زرداري

گوجرانوالا (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مون کي نه جيل جي ڳڻتي آهي ۽ نه نيب جي، 8 فيبروري تي اهڙو سرپرائز ڏينداسين جو رائيونڊ ياد رکندو.
گوجرانوالا ۾ پ پ ورڪرز ڪنوينشن سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪجهه اهڙا پراڻا سياستدان آهن، جيڪي سمجهن ٿا ته طاقت جو سرچشمو ڪو ٻيو آهي، عوام انهن سياستدانن کي پنهنجي مرضي سان حڪومت ٺاهي ڏيکاريندو.
هن چيو مون کان سوال ڪيو ويو ته ڇا چونڊون وقت تي ٿينديون؟ مان جواب ڏنو ته جيڪڏهن ن ليگ کي فيصلو ڇڏيون ها ته 8 فيبروري تي عام چونڊون نه ٿين ها، چيف جسٽس چيو آهي ته 8 فيبروري تي چونڊون ٿينديون، اهو پٿر تي ليڪو آهي، اهڙو سرپرائز ڏينداسين جو رائيونڊ ياد رکندو.
سندس چوڻ هو ته مون کي نه جيل جي ڳڻتي آهي ۽ نه نيب جي، هاڻ دمادم مست قلندر ڪري ميدان ۾ نڪرنداسين ۽ فتح تير جي ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.