سون وڌيڪ سستو ٿي ويو، خريداري تيز نه ٿي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي اگهه ۾ گهٽتائي کانپوءِ پاڪستان ۾ به سون جي في تولو اگهه ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب ملڪ ۾ 24 قيراط سون جي اگهه ۾ 200 رپين جي گهٽتائي ٿي آهي، جنهن کانپوءِ سون جو اگهه 2 لک 15 هزار 400 رپيا ٿي ويو آهي.

ان کان سواءِ 171 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 24 قيراط سون جو 10 گرام 1 لک 84 هزار 671 رپيا ٿي ويو آهي.

ٻئي طرف عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 6 ڊالرن جي گهٽتائي سان 2018 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.