ڀارتي سپريم ڪورٽ جو والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت خلاف فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي سپريم ڪورٽ والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت بحال ڪرڻ بابت درخواستون رد ڪري ڇڏيون آهن.

ڀارتي سپريم ڪورٽ والاريل ڪشمير جي آئيني حيثيت لاءِ داخل اپيلن تي تعصباڻو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، عدالت ڄمون ۽ ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ جو 5 آگسٽ 2019 وارو فيصلو برقرار رکيو آهي.

ڀارتي سپريم ڪورٽ چيو آهي ته والاريل ڪشمير ڀارت جو اڻ ٽٽ حصو آهي، آرٽيڪل 370 عارضي هو، هر فيصلو قانوني دائري ۾ نٿو اچي.

ياد رهي ته ڀارت 2019 ۾ والاريل ڪشمير جي خاص آئيني حيثيت ختم ڪري ڇڏي هئي، مودي حڪومت ڀارتي آئين جي شق 370 جي خاتمي جو اعلان ڪيو هو، ڀارت ان دوران ڪشمير ۾ ظلم جا نوان مثال قائم ڪيا.

2019 کان اڳ رياست ڄمون ۽ ڪشمير کي نيم خودمختيار حيثيت ۽ خاص اختيار حاصل هئا، ڪشمير جي سياسي پارٽين مودي حڪومت جي ان فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.