شادي ته ڪرڻ چاهيان ٿي پر ڪير ملي ئي نٿو: ريشم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور اداڪارا ريشم چيو آهي ته هو شادي ته ڪرڻ چاهي ٿي پر کيس ڪو سٺو انسان نٿو ملي.

هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ هن چيو ته هو ڪڏهن به ڪنهن اهڙي شخص سان شادي نه ڪندي جيڪو شوبز سان واڳيل هجي ڇو ته شوبز واريون شاديون گهڻو وقت هلي ناهن سگهنديون.

سينيئر اداڪرا وڌيڪ چيو ته اڄ ڪلهه زال مڙس ۾ برداشت ختم ٿي وئي اهي ان ڪري طلاق ٿي ويندي آهي، پر ڪجهه حالتون اهڙيون هونديون آهن جو طلاق ئي رستو هوندو آهي.

هن چيو ته هو دعا ڪري ٿي ته سٺو نصيب ٿئي، شادي ڪرڻ چاهيان ٿي، ڪو سٺو انسان ملي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.