ڪراچي: ٽڪ ٽاڪر جو هٿ پير ٻڌل، تشدد ڪيل لاش هٿ

ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) سپر هاءِ وي فقيرا ڳوٺ وٽ 4 ڏينهن اڳ هٿ آيل 16 ورهين جي نوجوان جي لاش جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي.

سپر هاءِ وي پوليس ٿاڻي جي حد ۾ 5 ڊسمبر تي صبح سوير سپر هاءِ وي چاڪر هوٽل کان فقيرا ڳوٺ ويندڙ رستي تي هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ 16 ورهين جي علي دوست طور ٿي آهي.

عباسي شهيد اسپتال پهچندي مقتول جي سڃاڻپ سندس والد رياض احمد ڪئي.

مقتول جي پيءُ جو چوڻ هو ته 5 ڊسمبر تي مقتول جو لاش مليو هو، جنهن کي اغوا ڪيو ويو، هٿ پير ٻڌي کيس گوليون هڻي قتل ڪيو ويو.

مقتول جي پيءُ جو چوڻ هو ته هو 5 ڀائرن مان وڏو هو.

هن چيو ته مقتول کي ٽڪ ٽاڪ تي وڊيو ٺاهڻ جو شوق هو ۽ 3 ڊسمبر تي صبح 8 وڳي گهر کان ٻاهر نڪتو هو، جتان هو غائب هو، پوءِ سوشل ميڊيا تي لاش جي خبر ۽ تصوير ڏٺي.

هن چيو ته اطلاع ملڻ تي هو فوري طور تي سائيٽ سپر هاءِ وي پوليس پهچي ويو، جتان کين ٻڌايو ويو ته هو سهراب گوڙ پهچي سندس سڃاڻپ ڪرائي، جتان فوري طور تي عباسي شهيد اسپتال پهتو ۽ سندس پٽ جو لاش مرده خاني ۾ هو.

هنن چيو ته 5 ڊسمبر کان هو روزانو ٿاڻي تي وڃي رهيا آهن پر پوليس مقتول جي قتل جو ڪيس داخل نه ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.