ناياب نسل جي ڪُل 7 واڳن جي فيملي ۾ هڪ نئون واڳون به اچي ويو

آمريڪي رياست فلوريڊا جي هڪ پارڪ ۾ انتهائي ناياب نسل جي واڳونءَ جي ٻچي جي پيدائش ٿي آهي ۽ دنيا ۾ ان نسل جا رڳو 8 واڳون ئي موجود آهن.
پارڪ انتظاميا جو چوڻ آهي ته ناياب نسل جي واڳون جو نالو ”ليوسيٽڪ ايليگيٽرز“ آهي، جيڪو آمريڪي واڳن جو انتهائي ناياب نسل آهي ۽ ان جي پيدائش جو جشن به ملهايو ويو.
پارڪ انتظاميا واڳون جي پيدائش جو اعلان سوشل ميڊيا تي ڪندي ٻڌايو ته دنيا ۾ ان نسل جا رڳو 7 واڳون موجود آهن، جڏهن ته هي اٺون واڳون ڄائو آهي.
انتظاميا موجب ناياب نسل جي واڳون کي ايندڙ سال جي شروعات ۾ عوامي نمائش لاءِ رکيو ويندو ۽ عوام کان ان جو منفرد نالو رکڻ ۾ مدد به ورتي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.