آسٽريليا جي دوري ۾ پاڪستان ٽيم سان گڏ ڊاڪٽر موجود نه هجڻ جو انڪشاف

لاهور (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا جي دوري ۾ قومي ٽيم وٽ ڊاڪٽر موجود نه هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
قومي ٽيم هن وقت آسٽريليا ۾ موجود آهي، جتي هوءَ ميزبان ٽيم خلاف 3 ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز کيڏندي.
ذريعن موجب آسٽريليا جي دوري ۾ قومي ٽيم وٽ ڪو ڊاڪٽر ناهي، مئنيجمينٽ جي 17 ڄڻن ۾ ڊاڪٽر سهيل سليم جو نالو موجود آهي پر هو ويزا مسئلن سبب 14 ڊسمبر تي پرٿ ۾ ٽيم کي جوائن ڪندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ٽيم سان گڏ ان وقت ڪلف ڊڪن فزيو ٿراپسٽ ۽ مساجر ملنگ موجود آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.