سياري جي موڪلن ۾ نجي تعليمي ادارا کولڻ تي پابندي

لاهور (ويب ڊيسڪ) سياري جي موڪلن دوران نجي تعليمي ادارا کولڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
سي اي او ايجوڪيشن لاهور موجب موڪلن دوران اسڪول ۾ پيپر وٺڻ جي اجازت نه هوندي، موڪلن دوران استادن کي به اچڻ جو پابند نه ڪيو ويندو، تعليمي ادارا کولڻ تي ڳرو ڏنڊ يا اسڪول رجسٽريشن رد ڪئي ويندي.
ايجوڪيشن اٿارٽي لاهور انسپيڪشن لاءِ به ٽيمون جوڙي ڇڏيون، 5 تعلقن جي مانيٽرنگ ڊپٽي ڊي اي اوز ۽ اي اي اوز ذريعي ڪئي ويندي.
سي اي او ايجوڪيشن لاهور موجب اسڪول کولڻ تي ٻه لک رپيا ڏنڊ يا لائسنس رد ڪيو ويندو، ايجوڪيشن اٿارٽي شهر جي اسڪولن کي حڪم جاري ڪري ڇڏيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.